ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ايپڪس ڪميٽي جو 28 هون اجلاس ٿيو،اجلاس ۾ صوبائي وزيرن ناصر شاهه، شرجيل ميمڻ، مرتضيٰ وهاب، ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل اظهر وقاص، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، گهرو سيڪريٽري سعيد مڱڻيجو، پرنسپل سيڪريٽري جتوئي ۽ ٻيا به موجود هئا. اجلاس ۾ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي، ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل برانچ، پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ، انٽيليجنس ادارن جي صوبائي سربراهن ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي،اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته اسان کي هڪ ڀيرو ٻيهر سڪيورٽي جو نظام بهتر ڪرڻو پوندو،هن ڌرتيءَ تي دهشتگردي کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين،اسان کي سڪيورٽي انتظامن، انٽيليجنس سسٽم ۽ ٽارگيٽيڊ آپريشنز کي وڌيڪ بهتر ڪرڻو پوندو،هاڻي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس هر 15 ڏينهن کانپوءِ ٿيندو،ٻارن، اقليتن ۽ عورتن سان زيادتي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي،منشيات جو واپار ناقابل برداشت آهي، شرجيل ميمڻ اجلاس کي ٻڌايو ته گٽڪو، ماوا ۽ ٻيو نشہ اسان جي نسل کي تباهه ڪري رهيو آهي ان تي وڏي وزير سمورن منشيات خلاف ڪارروايون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪري ڏئي ڇڏي،سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ ايپڪس ڪميٽي جي گذريل اجلاس ۾ آئل ٽرمينلز جي سڪيورٽي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آئل ٽرمينل جي سڪيورٽي بابت اجلاس ٿيو، يونيفائيڊ ڪمانڊ اسٽرڪچر ٺاهيو ويو، اجلاس ۾ سنڌ جي چيف سيڪريٽري آگاهه ڪيو. چيف سيڪريٽري سنڌ ٻڌايو ته ٽرمينل جي چوڌاري حساس نظام پڻ لڳايو ويو آهي،منشيات فروشن جي بحالي لاءِ 4 عمارتن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، هي عمارتون ڪماري، ضلعي سينٽرل، ملير ۽ ضلعي اولهه ۾ آهن، سنڌ انهن بحالي مرڪزن جي مرمت ۽ هلائڻ لاءِ 8 ملين رپيا جاري ڪيا آهن،سنڌ جي وڏي وزير منشيات اسمگلنگ ۽ ڊيلرز خلاف آپريشن ڪرڻ جي هدايت ڏيندي چيو ته اِهي ڏوهاري اسٽريٽ ڪرائم ۾ به ملوث آهن،انهن جي بحاليءَ سان نه رڳو اسٽريٽ ڪرائم ۾ گهٽتائي ايندي پر کين ڪارآمد شهري بڻائڻ ۾ مدد ملندي،اسمگلنگ خلاف آپريشن ۾ اينٽي نارڪوٽڪس فورس کي گڏ رکيو وڃي،اي اين ايف کي منشيات جي استعمال لاءِ بحالي مرڪزن سان نه رکيو وڃي ڪي ايم سي ليپروسي اسپتال منگھوپير ۽ اسپورٽس سينٽر ملير کي هلائڻ لاءِ اي اين ايف سان معاهدو ڪيو آهي.سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته سندس فيصلي موجب جناح ٽرمينل تي چائنا ڊيسڪ قائم ڪئي وئي آهي، سال 2022 ۾، سڀئي چيني ۽ ٻيا جيڪي ٻاهران آيا آهن انهن کي رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي،نادرا هڪ ايپليڪيشن تيار ڪري رهي آهي جيڪا پرڏيهين جي آمد ۽ روانگي وغيره جي نگراني ڪري سگهندي وڏي وزير چيوته جڏهن پرڏيهين کي ويزا جاري ڪيا وڃن ته ان ڏينهن کان سندن نگراني شروع ڪئي وڃي ان جو پتو لڳايو وڃي ته هو ڪڏهن آيو، ڪٿي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ڪڏهن واپس ويندو، پرڏيهين جي سڪيورٽي لاءِ اهو ضروري آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ادارا چوري ٿيل موٽرسائيڪل مارڪيٽ تي نظر رکي رهيا آهن چوري ٿيل موٽرسائيڪلون هٿ آيل هنڌن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي سنڌ کان علاوه بلوچستان ۾ چوري ٿيل موٽرسائيڪلن جي مارڪيٽ آهي بلوچستان حڪومت به آن بورڊ ۽ ايڪشن وٺي رهي آهي سنڌ جي وڏي وزير پاران اي وي ايل سي ۽ دستاويزن جي 4/2 ڦيٿين جي چوري کي روڪڻ لاءِ وڌيڪ 5 يونٽ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو،حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر ۽ شهيد بينظير آباد ۾ اي وي ايل سي يونٽ قائم ڪرڻ جو فيصلو ٿيو،دهشتگردن جي سوشل اڪائونٽس جي نگراني ڪري رهيا آهيون، آءِ جي پوليس سنڌ جي وڏي وزير کي آگاهه ڪري ڇڏيو آئي جي چيو ته گذريل ايپڪس ڪميٽي جي فيصلي موجب مانيٽرنگ جاري آهي، وزيراعليٰ سنڌ چيو ته مانيٽرنگ بابت رپورٽ مون کي پيش ڪئي وڃي،سنڌ جي وڏي وزير عسڪريت پسندن جي اي ٽيگنگ بابت فيصلي جي اڳڀرائي بابت پڇاڻو ڪيو،بدعنواني جي عادت رکندڙن جي نگرانيءَ جو بل سنڌ اسيمبلي ڏانهن موڪليو ويو آهي، مرتضيٰ وهاب سنڌ جي وڏي وزير کي آگاهه ڪري ڇڏيو.مرتضيٰ وهاب چيو ته هي بل اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن ويندو، سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هي بل جلد پاس ڪيو وڃي.










