ملڪ ۾ ٻيهر نئون لاڏلو آندو ويو آهي: مراد علي شاهه

سکر(ن س) سنڌ جَي اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر نئون لاڏلو آندو ويو آهي، لاڏلي کي آڻڻ لاءِ اليڪشن به ليٽ ڪئي وئي، لاڏلا آڻيندڙن کي سدائين پڇتائڻو پيو آهي،مراد علي شاهه چيو ته عوام 8 فيبروري تي بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم بڻائي ڏيکاريندو،سکر ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي بابت اجلاس دوران مراد علي شاهه چيو ته جنهن لاڏلي کي آڻڻ لاءِ اليڪشن ليٽ ڪرائي وئي اهو هڪ ڪمري تائين محدود آهي،مراد علي شاهه چيو ته عوام ۾ نڪري پوندڙ اڳواڻ هن وقت رڳو بلاول ڀٽو زرداري آهي، ملڪ جو عوام ئي ماڻهن کي وزيراعظم بڻائيندو آهي، جيڪي ماڻهو نه ٿا مڃين انهن کي 27 ڊسمبر تي خبر پوندي ته عوام ڪنهن سان گڏ آهي،هن وڌيڪ چيو ته27ڊسمبر تي ڳڙهي خدابخش ۾ شهيد بينظير جي ورسيءَ تي عوام جو سمنڊ نظر ايندو

پهنجو تبصرو موڪليو