ملڪ جو مستقبل آئين ۽ جمهوريت سان سلهاڙيل آهي، سولنگي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ملڪ جو مستقبل آئين ۽ جمهوريت سان وابسته آهي، آئين ۾ لکيل آهي ته هي ملڪ ڪيئن هلندو، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان واضح ڪيو آهي ته چونڊون 8 فيبروري 2024 تي ٿينديون. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته نگران حڪومت آئيني عمل جي پيداوار آهي، ملڪ جو مستقبل آئين ۽ جمهوريت سان جڙيل آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نگران حڪومت جي مدي ۾ واڌ جي آئين ۾ ڪا به گنجائش نه آهي، پاڪستان ۾ جيڪا به حڪومت هجي، رڳو اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي اختيار آهي ته هو چونڊن جي تاريخ ۾ تبديلي ۽ واڌ ڪري سگهي، اليڪشن ڪميشن واضح طور تي چيو آهي ته چونڊون خميس 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون، هينئر تائين ڪا به تبديلي ناهي آئي، ان ڪري چونڊن جي تاريخ بابت ڪنهن کي به شڪ نه هجڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو