ملير (رپورٽر) ملير جي شاهه لطيف ٽائون جي گٽر ۾ ڪري پيل ٻن سالن جو ٻارڙو 10 ڪلاڪن کانپوءِ زنده حالت ۾ هٿ آيو، وارثن موجب ٻن سالن جو ٻارڙو زو خان 2 ڏينهن اڳ گهران نڪرڻ بعد گم ٿي ويو هو، 8 سالن جي نينگر عبدالله ٻن سالن جي زو خان کي گٽر ۾ ڌڪو ڏئي ڪيرايو هو شاهه لطيف ٽائون پوليس ۽ شهرين معصوم ٻار کي گٽر مان ڪڍي ورتو، معصوم ٻارڙو 10 ڪلاڪن تائين گٽر اندر زندگيءَ ۽ موت جي جنگ جهيڙيندو رهيو، مڇرن ۽ ٻين جيتن چڪ پائي ٻار جي حالت خراب ڪري ڇڏي، گٽر مان زنده حالت ۾ ٻار ملڻ بعد وارثن ٻار کي ڌڪو ڏيندڙ نينگر کي معاف ڪري ڇڏيو.
