سيوهڻ (ن س )سنڌ جي وڏي وزير رٽائرڊ جسٽس مقبول باقر سيوهڻ جو دورو ڪيو ۽ قلندر جي درگاهه تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي، نگران وڏي وزير اڙل واهه جو دورو ڪري بحاليءَ واري ڪم بابت بريفنگ ورتي، وڏي وزير رٽائرڊ جسٽس مقبول باقر سيوهڻ جي عبدالله شاهه انسٽٽيوٽ جو دورو به ڪيو، وڏي وزير انسٽٽيوٽ ۾ علاج معالجي جي سهولتن جو جائزو به ورتو
