مغوي تي تشدد جي وڊيو جاري، پوليس آپريشن دوران ٿاڪن کي باهه

ڪشمور (ن س )ڪشمور جي ڪچي مان ڌاڙيلن مغوي تي تشدد جي هڪ وڌيڪ وڊيو جاري ڪري ڇڏي،وڊيو ۾ ڌاڙيل باهه ۾ پلاسٽڪ رجائي مغوي کي ڏنڀ ڏيندي نظر اچي رهيا آهن،ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌاڙيلن جي تشدد جو نشانو بڻجندڙ مغوي جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي،ڌاڙيلن پاران تشدد واري وڊيو مغوي جي وارثن ڏانهن اماڻي وئي،ٻئي پاسي ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف پوليس ۽ رينجرز جو گڏيل آپريشن جاري آهي، جنهن دوران 30 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو،پوليس ۽ رينجرز ڪچي جي دراني مهر، گبلو ۽ گيهلپور جي علائقن ۾ گڏيل ڪارروائيون ڪيون،ايس ايس پي بشير احمد بروهي جو چوڻ آهي ته ڌاڙيلن جي اهم ٿاڪن جو گهيرو ڪيو ويو آهي، 30 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کي گرفتار به ڪيو ويو آهي، ڏوهارين جي خاتمي ۽ مغوين جي بازيابيءَ تائين آپريشن جاري رهندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو