مسلمان ملڪ فلسطين مسئلو حل ڪرڻ بدران ٻيو رستو ڳولين پيا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته مسلمان ملڪ فلسطين مسئلو حل ڪرڻ بدران ڪو رستو ڳولي رهيا آهن.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته هر باضمير انسان اسرائيلي دهشتگردي خلاف فلسطينين سان گڏ آهي.هن چيو ته اسرائيلي جارحيت ختم نه ٿي رهي آهي ۽ سڀ خاموش تماشائي بڻيل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو