لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز 8 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي چين روانو ٿي وئي.مريم نواز 8 کان 15 ڊسمبر تائين چين جي دوري تي هوندي، سينيئر صوبائي وزير مريم اورنگزيب، اطلاعات ۽ ثقافت واري وزير عظميٰ بخاري، صوبائي ٽرانسپورٽ وارو وزير بلال اڪبر ۽ زراعت وارو وزير عاشق ڪرماڻي به ساڻس گڏ آهن.وڏي وزير مريم نواز بيجنگ، شنگهائي، شينزين ۽ گوانگ زو جو دورو ڪندي جتي هوءَ چيني وزيرن، اعليٰ عملدارن ۽ ماهرن سان ملاقاتون ڪندي.مريم نواز چين ۾ مختلف پروگرامن ۽ ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪندي.وڏي وزير مريم نواز چين جي حڪمران پارٽي جي دعوت تي چين وئي آهي.










