مريم نواز چاهي ٿي ته ڳالهيون ناڪام ٿين: اعجاز چوڌري

مريم نواز چاهي ٿي ته ڳالهيون ناڪام ٿين: اعجاز چوڌري

لاهور (ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ سينيٽر اعجاز چوڌري جو چوڻ آهي ته مريم نواز چاهي ٿي ته ڳالهيون ناڪام ٿين. ميڊيا سان ڳالهائيندي اعجاز چوڌري چيو ته مريم نواز کي پنهنجي پيءُ يا چاچي کي ڳالهين کي روڪڻ لاءِ چوڻ گهرجي.هن چيو ته اسان جيلن ۾ آهيون، ڪجهه وڌيڪ وقت گذارينداسين، ڳالهيون پاڪستان جي مفاد ۾ آهن، انهن کي جاري رهڻ گهرجي.اعجاز چوڌري جو چوڻ آهي ته چيئرمين سينيٽ پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا، جيل اختيارين کيس وڃڻ نه ڏنو، هي يوسف رضا گيلاني جي توهين آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو