مرتضي’ ڀٽو جو ساٿي ڦر جي مزاحت دوران قتل

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) ڪراچي گلشن معمار ٿاڻي جي حد شھيد مير مرتضي’ ڀٽو جو ويجھو ساٿي پ پ شھيد ڀٽو جو ڪارڪن راجا جميل پنھنجي گھر جي ٻاھريان بيٺل ھيو تـ موٽرسائيڪل تي سوار ھٿياربندن سندس کان ھٿيارن جي زور تي موبائل فون ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تـ راجا جميل ھٿياربندن سان ڦر دوران مزاحمت ڪئي جنھن تي ھٿياربندن پسٽل جا فائر ڪري راجا جميل کي قتل ڪري واقعي بعد ھٿياربند فرار ٿي ويا مقتول پ پ شھيد جي ڪارڪن راجا جميل جو لاش پوسٽ مارٽم لاء اسپتال آندو ويو پوسٽ مارٽم بعد مقتول جو لاش گھر آندو ويو تـ مقتول جي گھر ۾ ماتم برپا ٿي ويو ھوڏانھن اھڙي واقعي بعد پ پ شھيد ڀٽو جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ۾ پڻ ڏک جي لھر ڇانئجي وئي آھي پ پ شھيد جي اڳواڻن ڪراچي جي اڳواڻن راجا جميل جي قتل واري واقعي تي 3 ڏينھن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آھي ان موقعي تي پ پ شھيد ڀٽو جي اڳواڻن غلام سرور منگي غلام نبي گبول عبدالمنان چانڊيو صلاح الدين چاچڙ محمد علي ميرجت سليم راجپوت ڊاڪڙر رئوف مغيري طارق سيال ۽ ٻين چيو تـ راجا جميل شھيد مير مرتضي’ ڀٽو جو سچو وفادار ساٿي ۽ سچو ڪارڪنن ھو جنھن جي قتل واري واقعي تي پ پ شھيد ڀٽو طرفان 3 ڏينھن سوڳ جو اعلان ڪجي ٿو ھنن چيو تـ راجا جميل جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو