رباط: (ويب ڊيسڪ) مراڪش ۾ خوفناڪ زلزلي سبب فوتين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو جڏهن ته زخمين جو به انگ 12 سئو کان وڌيڪ آهي.مراڪشي گهرو وزارت موجب زلزي سبب ٿيندڙ فوتگيون هينئر تائين 2 هزار تائين پهچي ويون آهن جڏهن ته زخمين جو انگ 12 سئو کان ٽپي ويو آهي. اختيارين موجب زخمين مان 7 سئو 21 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ان کان علاوه اڃان تائين ڪيترائي ماڻهو ملبي هيٺيان دٻيل آهن جنهن سبب فوتگين ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان آهي.مراڪش ۾ زلزلي کان پوءِ متاثر علائقن ۾ ريسڪيو طرفان امدادي ڪارروايون جاري آهن. اختيارين ٻڌايو آهي ته زلزل جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي عمارتون پٽ پئجي ويون آهن جڏهن ته ڪيترن ئي گهرن کي جزوي نقصان پهتو آهي. ياد رهي ته مراڪش ۾ 1960ع ۾ زلزلي ۾ 12 هزار ماڻهو فوت ٿي ويا هئا.
