مدئجي ۾ بدامني خلاف شٽربند هڙتال، شهرين جو ڌرڻو

مدئجي (ن س ) مدئجي شهر جي بس اسٽاپ تي نامعلوم چور هول سيل جي دڪانن مان لکين رپين جي چوري ۽ بدامني خلاف شٽربند هڙتال ڪئي وئي آهي، دڪاندارن ۽ شهرين احتجاجي ريلي ڪڍي جندوديرو پل وٽ ڌرڻو هڻي ڇڏيو. ڳواڻن سترام داس، رابيل سنڌي، راشد جوڻيجو ۽ انعام پنهور ٻڌايو ته ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او ٻن ڏينهن جي خاطري ڪرائي آھي ته ملوث چور، چوري ٿيل سامان ۽ روڪ رقم واپس ڪرائي ڏيندس. مظاهرين موجب پوليس جي لاپرواهي سبب چور سيٺ ڪلتار داس ۽ سريچند جي هول سيل جي دڪانن کي کاٽ هڻي لکين رپين جو سامان کڻي ويا. مظاهرين پاران فوري طور چور گرفتار ڪري سامان واپس ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو