مدئجي ڀرسان ڪارنهن جي پُراڻي تڪرار تان 2 ڄڻا قتل

مدئجي (ن س )مدئجي ڀرسان ڪارنهن جي پُراڻي تڪرار تان 2 ڄڻا قتل ٿي ويا،رات دير سان ککراڻي ۽ ڏاهاڻي ڌُرين ۾ جهيڙي دوران انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي وئي، گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ گلزار ککراڻي ۽ شهزادو ڏاهاڻي مارجي ويا، جهيڙي بعد ڌُريون مورچا بند ٿي ويون،ٻن ڄڻن جي قتل بعد علائقي ۾ خوف جي صورتحال پکڙجي وئي، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي،پوليس جو چوڻ آهي ته ڌُرين ۾ پُراڻو ڪارنهن تڪرار هلندڙ آهي، تڪرار ۾ هيل تائين ٻنهي ڌُرين جا 8 کان وڌيڪ قتل ٿي چڪا آهن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو