مدئجي ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ، نوجوان قتل،هڪ زخمي

مدئجي(ن س) تاجو ديرو ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ ڳوٺاڻو مارجي ويو، جڏهن ته هڪ نوجوان زخمي ٿي پيو آهي، پوليس موجب هٿياربندن جي فائرنگ ۾ اوشاق پٽ ثناءُ الله خروس مارجي ويو، جڏهن ته عامر خروس زخمي ٿي پيو،مقتول جو لاش مدئجي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته زخمي کي لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي پوليس موجب واقعو ناريجا خروس تڪرار تان پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي وارثن موجب قربان ککراڻي ۽ نازل ناريجو ڌر جي ماڻهن نوجوانن تي فائرنگ ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو