محنتي جي وفد سميت عمر سومرو سان ملاقات،سنڌ جي معاملن تي ڳڻتي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اميرجماعت اسلامي سنڌ ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي جي اڳواڻي ۾ جماعت اسلامي جي پنج رڪني وفد اربع ڏهاڙي سنڌ جي قانون واري نگران وزير بيريسٽر عمر سومرو سان سندس آفس ۾ ملاقات ڪري کين سنڌ ۾ لاقانونيت، عدالتن ۾ ڪيسن جي التوا، بدامني، قبيلائي جهيڙن ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان توڙي مالي نقصان ۽ انصاف جي فراهمي ۾ دير تي پنهنجي ڳڻتي کان آگاهه، جنسي درندگي بعد قتل ٿيندڙ معصوم نياڻين فاطمه ڦرڙو، نازيه چنا ۽ حسينه کوسو جي قاتلن کي عبرتناڪ سزا ڏيارڻ ۽ صوبي ۾ قيام امن، فوري انصاف جي فراهمي لاءِ پوليس ريفارمز سميت ٻيا قانوني اصلاحات ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. صوبائي امير محمد حسين محنتي جو وڌيڪ چوڻ هو ته آئين جي حڪمراني، قانون جي بالادستي سان ئي ملڪ توڙي قومون ترقي ۽ عوام کي امن ۽ انصاف فراهم ٿي سگهي ٿو، پر بدقسمتي سان اسان جو صوبو سنڌ هن وقت سڀ کان وڌيڪ لاقانونيت ۽ بدامني جي باهه ۾ سڙي رهيو آهي جنهن ڪري عوام امن امان ۽ انصاف کان محروم توڙي معاشرو ڏڦيڙ جو شڪار آهي. قاتلن ۽ ڏوهاري قسم جي ماڻهن کي فوري طور تي سزا نه ملڻ جي ڪري سندن حوصلا بلند، اسٽريٽ ڪرائم سميت ٻين ڏوهن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، سنڌ ۾ ڀُنگ لاءِ اغوا جون وارڌاتون هاڻي ڪاروبار جي شڪل اختيار ڪري چڪيون آهن، رينجرز ۽ پوليس آپريشن باوجود هن مهل به ڪيترائي ماڻهو ڪچي ۾ڌاڙيلن وٽ يرغمال ۽ هر روز نوان ڪيس درج ٿي رهيا آهن. ڪيسن جي فيصلن ۾ دير جا حربا استعمال ڪري انصاف ۾ رڪاوٽ ۽ مقدمن کي ڊيگهه ڏني ٿي وڃي، ان حوالي سان قانون سازي ڪري ڏوهارين جي پٺڀرائي ڪندڙ پوليس جي ڪارين رڍن ۽ بااثر ماڻهن کي سخت سزائون ڏئي متاثرين کي بروقت انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. ميڊيا رپورٽن موجب هن وقت به رڳو سپريم ڪورٽ ۾ 56 هزار ڪيس زيرالتوا آهن ان سلسلي کي ختم ۽ بروقت فيصلا ڪرڻ، مقدمات کي پُڄاڻي تي پهچائڻ جي حوالي سان قانوني سازي ڪري عدليه کي گهربل سهولتون فراهم ڪيون وڃن، جماعت اسلامي جي امير وڌيڪ چيو ته قانون جي حڪمراني لاءِ ضروري آهي ته شاهدن کي تحفظ ڏيڻ سميت اڳ ۾ ئي جوڙيل قانون تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي. حڪومت ۽ قانون جي رٽ قائم ۽ عام ماڻهن کي انصاف جي فراهمي لاءِ پوليس ريفارمز سميت ٻيا اصلاحات ڪيا وڃِن ته جيئن سنڌ ۾ لاقانونيت، بدامني جو خاتمو ۽ قانون جي حڪمراني توڙي امن جي بحالي ذريعي سنڌ صوبو امن جو مرڪز بڻجي سگهي. صوبائي وقتي وزير عمر سومرو ان موقعي تي وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته اسان جو دين اسلام اسان کي سڀ کان وڌيڪ عدل ۽ انصاف جي تاڪيد ڪري ٿو، دنيا ۾ اُهي ئي قومون ترقي ڪنديون آهن جتي انصاف ۽ عدل جي بالادستي هوندي آهي، هن جماعت اسلامي جي وفد کي عوام کي فوري انصاف، ڏوهارين کي سخت سزائون ڏيڻ سميت قانوني اصلاحات حوالي سان هرممڪن ڪوششون وٺڻ جو پڻ يقين ڏياريو.وفد ۾ جماعت اسلامي سنڌ جو جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ، اسلامڪ لائزر موومنٽ سنڌ جو جنرل سيڪريٽري نجم الحسن ۽ ڪراچي جو صدر شاهد علي ايڊوڪيٽ ۽ صوبائي سيڪريٽري اطلاعات مجاهد چنا پڻ موجود هئا. وفد صوبائي وزير کي قانون جي بالادستي، اصلاحات ۽ عوام کي فوري انصاف جي حوالي سان لکت ۾ پنهنجون تجويزون ۽ ديني ڪتابن جو تحفو پڻ پيش ڪيو.#

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو