ڪراچي (نمائندن وٽان )ماڙي جلباڻي واري واقعي خلاف وڪيل تنظيمن جي سڏ تي سموري سنڌ ۾ عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي،سنڌ بار ڪائونسل ۽ ڪراچي بار ڪائونسل جي سڏ تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن،ڪراچي جي سٽي ڪورٽ ۽ ملير ڪورٽ سميت سمورين عدالتن ۾ عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪيو يوو، وڪيل عدالتن ۾ پيش نه ٿيا حيدرآباد، سکر، جيڪب آباد، عمرڪوٽ ۽ نوشهروفيروز ۾ به وڪيلن احتجاج ڪيو،قمبر، ڪنري ۽ ميهڙ ۾ به عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو ويو سنڌ بار ڪائونسل ۽ ڪراچي بار ڪائونسل جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ماڙي جلباڻي ۾ بي گناهه ڳوٺاڻن تي فائرنگ ڪري کين قتل ڪيو ويو، واقعي ۾ ملوث اهلڪارن جي گرفتاري تائين خاموش ٿي نه ويهنداسين،سڪرنڊ ويجهو ماڙي جلباڻي ۾ 4 ڄڻا مارجي وڃڻ واري واقعي خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهن، ايس يو پي جي سڏ تي مختلف شهرن ۾ سياسي سماجي تنظيمن احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا آهن،خيرپور ۾ قومي شاهراهه تي شاهه حسين باءِ پاس وٽ ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي،ڄامشورو ۾ ماڙي جلباڻي واقعي خلاف احتجاجي ريلي ۽ مک چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائڻ ۽ ملوث اهلڪارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو ٺل، ڪنڌڪوٽ، پنوعاقل، نصيرآباد، مانجهند، ٽنڊو آدم، قمبر، هالا ۽ ڀان سيد آباد ۾ به احتاججي مظاهرا ڪيا ويا،گهوٽڪي، ڏهرڪي، عمرڪوٽ، پٿورو، ڍورو نارو، ڪوٽڙي، نوشهروفيروز ۽ ٻين شهرن ۾ به احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا مظاهرين پاران 4 ڳوٺاڻن جي قتل ۾ ملوث سمورن اهلڪارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو ماڙي جلباڻي واقعي ۾ مارجي ويل 4 ڳوٺاڻن جا مڙهه رات دير سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا، وارثن سان تعزيتن جو سلسلو جاري آهي
