9 مهينن ۾ ليوي وصولي ۾ لڳ ڀڳ 100 سيڪڙو اضافو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جولاءِ کان مارچ تائين پيٽروليم ليوي جي وصولي ۾ لڳ ڀڳ 100 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.رپورٽ موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ ليوي ڪليڪشن 719 ارب 56 ڪروڙ رپيا هئي جڏهن ته گذريل سال جولاءِ کان مارچ تائين ليوي ڪليڪشن 362 ارب 48 ڪروڙ رپيا هئي.هلندڙ مالي سال لاءِ پيٽروليم ليوي جي وصولي جو هدف 869 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي ۽ آءِ ايم ايف هلندڙ مالي سال لاءِ 918 ارب رپيا ليوي جي وصولي جو اندازو لڳايو آهي. گذريل مالي سال ۾ پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 580 ارب رپيا گڏ ٿيا هئا، هن وقت پيٽرول تي 60 رپيا في ليٽر ليوي ٿي رهي آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي 60 رپيا في ليوي ليوي لاڳو ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو