ليگل ايڊ اينڊ جسٽس اٿارٽي ترميمي بل منظور

ليگل ايڊ اينڊ جسٽس اٿارٽي ترميمي بل منظور

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين محمود بشيرورڪ جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ليگل ايڊ اينڊ جسٽس اٿارٽي ترميمي بل جي منظوري ڏني وئي.اجلاس دوران ايجنڊا ۾ شامل مختلف ترميمي بلن جو جائزو ورتو ويو، وزيراعظم نذير تارڙ چيو ته ليگل ايڊ اينڊ جسٽس اٿارٽي 2020ع ۾ قائم ڪئي وئي.هن چيو ته هي اختيار صرف انساني حقن واري وزارت کان وٺي قانون ۽ انصاف واري وزارت وٽ آيو آهي، بل ۾ جتي انساني حقن جو لفظ هو، ان کي قانون ۽ انصاف سان تبديل ڪيو ويو آهي.ڪميٽي جي اجلاس ۾ چيئرمين پي ٽي آءِ بئريسٽر گوهر چيو ته جڏهن به ليگل ايڊ اينڊ جسٽس اٿارٽي ٺاهي ٿي ته اها انساني حقن سان گڏ آهي، اها اٿارٽي انساني حقن وٽ ئي رهڻ ڏيو.قانون واري وفاقي وزير چيو ته هن اٿارٽي جي پنهنجي آفيس هئي، هي هڪ خودمختيار ادارو آهي، قانوني امداد صوبائي حڪومتون ڏئي رهيون آهن، سيڪريٽري اٿارٽي ۾ انساني حقن جو نمائندو هوندو، انساني حقن جا ماڻهو ان جو حصو هوندا. اجلاس دوران رابطا ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته اسان کي هن ڪميٽي ۾ اپوزيشن يا حڪومت جو مينڊيٽ نه هڻڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو