ليفٽيننٽ جنرل محمد عاصم ملڪ ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرر

ليفٽيننٽ جنرل محمد عاصم ملڪ ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرر

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) ليفٽيننٽ جنرل محمد عاصم ملڪ کي ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرر ڪيو ويو آهي.جيو نيوز موجب ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ 30 سيپٽمبر تي پنهنجي نئين ذميواري سنڀاليندو، هو هن وقت جي ايڇ ڪيو ۾ ايڊجوٽنٽ جنرل طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ ان کان اڳ بلوچستان ۾ انفنٽري ڊويزن ۽ وزيرستان ۾ انفنٽري برگيڊ جي ڪمانڊ ڪري چڪو آهي. ان کان علاوه کيس چيف انسٽرڪٽر NDU ۽ انسٽرڪٽر ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا پڻ مقرر ڪيو ويو آهي.ليفٽيننٽ جنرل عاصم پڻ فورٽ ليوين ورٿ ۽ رائل ڪاليج آف ڊفينس اسٽڊيز جو گريجوئيٽ آهي، هن پنهنجي ڪورس ۾ اعزاز جي تلوار حاصل ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو