لنڊ سردارن ۾ اختلاف تيز، معاملو عدالت پهچي ويو

جروار(ن سنڌيار)لنڊ سردارن ۾ هلندڙ اختلاف تيز ٿي ويا ٻئي ڌريون هڪ ٻئي جي سامهون اچي ويو ,پ پ پ ايم اين اي خالد لنڊ جو ڀاڻيجو سالار خان لنڊ  خالد لنڊ جي پٽ نورمحمد لنڊ خلاف ڪورٽ ۾ پهچي ويو پ پ پ ايم اين اي سردار خالد لنڊ جو ڀاڻيجو سالار خان لنڊ ميرپورماٿيلو جي فرسٽ سول جج ۽ ٿرڊ ايڊيشن سيشن جج جي عدالت ۾ ڌار ڌار درخواست داخل ڪرائي آھي هن ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج ميرپورماٿيلو جي عدالت وٽ  درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته پ پ ايم اين اي سردار خالد خان لنڊ جي پٽ نور محمد لنڊ کان جان جو خطرو آھي تحفظ فراھم ڪيو وڃي ۽فرسٽ سول جج جي عدالت ۾ زمين جو پاڻي بند ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي وئي آھي ٻنھي درخواستن تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪورٽ ڌرين کي 23 آگسٽ تي طلب ڪري ورتو آھي ,هوڏانهن سالار خان لنڊ اهو الزام به هنيو ته يارولنڊ ويجهو ديھ دمامه ۾ منهنجي هاري جي گهر مٿان نورمحمد لنڊ جي ماڻھن فائرنگ ڪئي آھي منهنجي هاري کي لڏائڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيو ويون آھن ٻئي پاسي  سالار خان لنڊ جي پي ضغيراحمد لنڊ  سان رابطو ڪيو ويو ته ٻڌايو  ديھ دمامه ۾ واقعي  اسان جي هاري جي گهر مٿان 40کان مٿي فائر ڪيا ويا آھن ۽علائقي ۾ هراس پکيڙيو ويو آھي هن وڌيڪ چيو ته يارولنڊپوليس کي اطلاع ڏنو پر پوليس ڪابه مدد ڪرڻ لاء تيار نه آھي ,اسان انهن ظالمن خلاف ڪورٽ ويا آھيون  ,هوڏانهن يارولنڊ پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو فائرنگ جو اطلاع اسان کي نه مليو آھي جتي فائرنگ جو واقعو ٻڌايو پيو وڃي اها حد خانپورمهر ٿاڻي جي آھي ,اسان کي جيڪڏھن اطلاع ملي ها ته اسان به نفري وٺي پهچون ها پر اطلاع نه مليو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو