لاهور کان جڙانوالا تائين موٽر وي ايم ٿري سخت ڪوهيڙي سبب بند

لاهور کان جڙانوالا تائين موٽر وي ايم ٿري سخت ڪوهيڙي سبب بند

لاهور (ويب ڊيسڪ)موٽر وي پوليس لاهور کان جڙانوالا تائين موٽر وي ايم ٿري کي سخت ڪوهيڙي سبب بند ڪري ڇڏيو آهي. موٽر وي پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته سيد عمران احمد ان ڳالهه جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته عوام جي حفاظت ۽ محفوظ سفر کي يقيني بڻائڻ لاءِ اهو قدم کنيو ويو آهي.ترجمان شهري کي هدايت ڏني ته هو وڌ کان وڌ ڏينهن جي وقت ۾ سفر ڪن ڇاڪاڻ ته صبح ڏهين وڳي کان ڇهين وڳي تائين موسم ۾ سفر جي لاءِ بهترين وقت آهي. موٽر وي ترجمان ان دوران ڊرائيورن کي ڪوهيڙي وارين فوگ لائٽن جي استعمال جي به سفارش ڪئي. موٽر وي پوليس جي ترجمان سيد عمران احمد وڌيڪ چيو ته شهري ڄاڻ ۽ مدد لاءِ هيلپ لائن 130 تي رابطو ڪري سگهن ٿا

پهنجو تبصرو موڪليو