لاش جي بيحرمتي ڪندڙ جوابدار پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو

لاش جي بيحرمتي ڪندڙ جوابدار پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جَي وڏي وزير مراد علي شاهه عورتن، ٻارڙن، اقليتن سان ظلم ۽ ڊرگ مافيا جا ڏوهه ناقابل برداشت قرار ڏئي ڇڏيا، سي ايم هائوس جي پڌرائي موجب وڏي وزير جِي هدايت تي ٺٽو پوليس غلام الله ۾ ٻارڙي جي لاش جي بيحرمتي ڪندڙ جوابدار رفيق چانڊيو کي مقابلي ۾ ماري ڇڏيو، ڊرگ مافيا خلاف به ڪارروايون تيز ڪيون ويون آهن. ملزم پنهنجي مخالف خاندان جي فوت ٿيل ڇوڪري جو دفن ڪيل لاش قبر مان ڪڍي بنا ڪفن جي جهنگ ۾ اڇلايو هو. ٻئي پاسي وڏي وزير جي مشير صادق ميمڻ متاثر خاقندان وٽ هلي وڄي عذر خواهي ڪئي. هن چيو ته جوابدار ناقابل معافي حرڪت ڪئي آهي جيڪا اسانجي ثقافت ۽ اسلامي تعليمات جي به خلاف آهي. خدا پونئرن کي ناصاف ڏئي ڇڏيو ۽ جوابدار پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو