ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڊپٽي ڪمشنر سائوٿ ڪراچي ڪيپٽن (ر) الطاف حسين ساريو جي هدايتن تي ڊي سي آفيس پهرين نومبر کان 16 نومبر 2023 تائين روزاني قيمتن جي چڪاس ۽ ڏنڊن جي حوالي سان سب ڊويزن وار مجموعي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. اسسٽنٽ ڪمشنرن، مختيارڪارن ۽ پرائس چيڪنگ مئجسٽريٽ تي مشتمل ٽيمن پاران گرانفروشن، منافع خورن ۽ ذخيره اندوزن خلاف ڪل 362 ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ مٿن 3365000 رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو. ڊپٽي ڪمشنر آفيس پاران جاري ڪيل مجموعي رپورٽ ۾ ڏکڻ ضلعي جي سب ڊويزن سول لائنز ۾ 32 ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ 785000 رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو، صدر ۾ رپورٽ ٿيل ڪيسن جو انگ 77 هو جن تي 759000 رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو، گارڊن ۾ 46 ڪيس ۽ 507000 ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو، آرام باغ جا 98 ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ 761000 ڏنڊ لڳايو ويو ۽ سب ڊويزن لياري ۾ رپورٽ ٿيل ڪيسن جو انگ 109 هو، جن تي 553000 ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو. ڊي سي آفيس پاران 1 نومبر کان 16 نومبر تائين جاري ڪيل مجموعي رپورٽ موجب پرائيس ڪنٽرول جي ڪاررواين جي حوالي سان سڀ کان وڌيڪ ڏنڊ ڪرياني، گوشت، بيڪري جي شين ۽ انڊن جي دڪانن تي لاڳو ڪيو ويو. ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ ڪراچي ضلعي ڏکڻ ڪراچي جي سمورن سب ڊويزنن ۾ سرڪاري مقرر ڪيل اگهن تي شهرين کي کاڌي پيتي جي شين جي فراهمي کي يقيني بڻائي ۽ اي سيز ۽ مختيارڪارن کي واضع هدايتون ڏنيون آهن ته هو دڪاندارن، منافع خورن ۽ ذخيره اندوزن خلاف قانون موجب ڪارروايون جاري رکن.
