قوم اليڪشن جو بي صبري سان انتظار پئي ڪري: نثار کهڙو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو آهي ته قوم اليڪشن جو بي صبري سان انتظار پئي ڪري، عوام کي اليڪشن کان پري رکڻ غيرآئيني آهي، جمهوريت کي ڊي ريل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڪراچي ۾ رضان هارون ۽ ايڊووڪيٽ انيس احمد سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي نثار کهڙو چيو ته دهشتگردي، زلزلا ۽ ٻوڏ باوجود چونڊون ٿيون آهن، پاڪستان ۾ جيڪا صورتحال پيدا ڪئي پئي وڃي، ان تي افسوس جو اظهار ڪريون ٿا، گذريل ڏينهن سينيٽ جو ڪورم پورو نه هئڻ باوجود ٺهراءُ منظور ڪيو ويو، سينيٽ ۾ ويٺل 12 ماڻهن عوام سان مذاق ڪيو، اليڪشن معطل نه ٿيندي، عوام کي اليڪشن کان پري رکڻ غيرآئيني آهي، اليڪشن معطل ڪرائڻ جي ناپاڪ ڪوشش جي مذمت ڪريون ٿا

پهنجو تبصرو موڪليو