کورواھ (ن س )قومي عوامي تحريڪ۽ سنڌي هاري تحريڪ کور واھ پاران سارين جو اگھ گھٽ ملڻ ۽ ڪٽوتي خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي پريس ترجمان اشرف پليجو،قومي عوامي تحريڪ ضلعي سجاول جو صدر پنھل سولنگي،سنڌي ھاري تحريڪ جي اڳواڻ يوسف لاشاري، وڪيو لاشاري ،قومي عوامي تحريڪ ضلعي بدين جو اڳواڻ فراز شاھ، گيانچند مھيشوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن پريس ڪلب کورواھ کان شھيد فاضل راهو چوڪ تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو جنهن جي نتيجي ۾ شاھ ڪريم، بٺورو روڊ ۽ گولاڙچي ڪڙيو گھنور روڊ بلاڪ ٿي ويا. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ترجمان اشرف پليجو خطاب ڪندي چيو تہ وڏا واپاري ۽ ڪارخانيدار ھٿرادو سارين جو اگھ گھٽائي هارين ۽ آبادگارن سان ظلم ڪري رهيا آهن. زرعي ڀاڻ، دوائون تيل ۽ ٻيا خرچ تمام مهانگا آهن پر جڏهن فصل لهن ٿا تہ انهن جا هٿرادو اگھ ڪيرايا وڃن ٿا، جنهنڪري آبادگار ۽ هاري ڪنگال ٿي ويا آهن. نقلي ٻج، ڀاڻ ۽ دوائن جي ڪري فصلن کي وڏو نقصان ٿئي ٿو، مٿان پاڻي جي کوٽ جي ڪري فصل سڪي وڃن ٿا. سنڌ جي زراعت کي هٿ وٺي تباھ ۽ برباد ڪئي وئي آهي. پنھل سولنگي چيو تہ سنڌ ۾ فصل سٺا لھن ٿا تہ ھٿ وٺي انھن جا اگھ ڪيرايا وڃن ٿا. آبادگارن ۽ ھارين کي فائدو ڏيڻ بدران ٺيڪيدار مافيا کي نوازيو وڃي ٿو. ھاڻ ڪڻڪ جي پوکي ٿي رھي آھي، جڏھن فصل لھندو تہ ڪڻڪ جو بارداڻو آبادگارن بدران واپارين کي وڪرو ڪيو ويندو. آبادگارن کان سستي ڪڻڪ وٺي عوام کي مھانگو اٽو وڪرو ڪيو ويندو. ائين ھر فصل سان ٿئي ٿو. ڪمند، ساريون، ڦٽيون، ٽماٽو سميت ھر لھندڙ فصل جو فائدو آبادگارن بدران ڪميشن مافيا کي ڏئي سنڌ جي غريب عوام کي وڌيڪ بدحال ۽ برباد ڪيو پيو وڃي. يوسف لاشاري، فراز شاھ ،گيانچند مھيشوري خطاب ڪندي چيو تہ حڪمرانن سنڌ جي زراعت کي تباھي ڪناري پھچائي ڇڏيو آھي۔ جڏھن فصل لھن ٿا تہ انھن جا اگھ ڪيرايا وڃن ٿا۔ آبادگارن ۽ ھارين کي پنھنجي محنت جو اجورو بہ نٿو ملي۔ ھر زرعي فصل پوکڻ مھانگو ٿي ويو آھي۔ نقلي ٻج ۽ ڀاڻ بہ وڏو نقصان ڏئي رھيو آھي. نقلي ٻج، نقلي دوائن ۽ ڀاڻ جو وڏو ڪاروبار وڌي ويو آھي۔ رشوت جي ڪري جعلسازي ڪندڙن خلاف ڪا بہ ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي۔اڳواڻن چيو تہ ڪمند جي آبادگارن کي بقايائون نٿيون ڏنيون وڃن۔ ڪڻڪ لھي ٿي تہ باردانو گم ڪيو وڃي ٿو۔ ڦٽين ۽ ٻين فصلن جا اگھ ڪيرائي آبادگارن ۽ ھارين کي ڪنگال ڪيو وڃي ٿو۔ اھا زراعت جي تباھي آھي، جنھن ڪري غربت وڌي وئي آھي۔ بدحالي سبب سنڌ ترقي بدران پوئتي وڃي رھي آھي۔ بليڪ تي ڀاڻ وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ٻئي پاسي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ آبادگارن ۽ ھارين جو معاشي قتل بند ڪيو وڃي سارين جو اگھ 5 ھزار روپيا ڪيو وڃي. سنڌ جي زرعي معيشت کي بھتر ڪرڻ سان غربت جو خاتمو ايندو. تيل، گئس ڏيندڙ سنڌ جي ضلعن جا ماڻھو بنيادي سھولتن کان محروم آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ شگر ملون، فيڪٽريون، ڪارخانا پ پ حڪمرانن جا ھجڻ ڪري فصلن جا اگھ ڪيرائي آبادگارن ۽ ھارين کي ھٿ وٺي لٽيو ۽ ڦريو وڃي ٿو. جڏھن ڪمند لھي ٿو تہ ان جا اگھ ڪيرايا وڃن ٿا. ڪڻڪ لھي ٿي تہ باردانو گم ڪيو وڃي ٿو. ڦٽيون لھن ٿيون تہ انھن جا اگھ ڪيرايا وڃن ٿا، ھاڻ ساريون لھن پيون تہ انھن جو اگھ ٽڪي برابر ڪيو ويو آھي. فصلن تي وڏا خرچ آھن پر آبادگارن ۽ ھارين جو خرچ بہ نٿو نڪري. سنڌ حڪومت ۽ وفاق مڪمل لاتعلق بنيل آھن. سنڌ کي مافيائن جي حوالي ڪيو ويو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ھاري ۽ آبادگار خوشحال ھوندا تہ سنڌ ترقي ڪندي. غربت ختم ٿيندي. بک بدحالي ختم ٿيندي. بيروزگاري ختم ٿيندي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي مافيا بنجي سنڌ جي وسيلن جا سودا ڪري رھي آھي. زرداري نٿو چاھي تہ سنڌ ۾ جمھوريت، ميرٽ ۽ شفافيت ھجي. سنڌ جا ماڻھو يرغمال ھجن، جھالت ۽ ڌاڙيل راڄ ھجي. سنڌ جا ماڻھو پنھنجي حقن، تعليم، روزگار، زراعت، قومي وسيلن ۽ وحدت لاءِ قومي عوامي تحريڪ جو حصو ٿي ساٿ ڏين ۽ ڪرپشن، خراب حڪمراني کي شڪست ڏين
