قومي رانديگرن کان پئسا وٺندڙ سنڌ پوليس جا 4 اهلڪار گرفتار

سڪرنڊ: (ن س) سڪرنڊ ڀرسان قومي رانديگرن صهيب مقصود ۽ عامر يامين کان رشوت وٺڻ جي الزام ۾ 4 اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جڏهن ته سڪرنڊ ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي کي پڻ معطل ڪيو ويو آهي.ايس ايس پي حيدر رضا موجب آءِ جي سنڌ جي حڪمن تي پوليس اهلڪارن جي خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي. ٻئي طرف قومي رانديگرن کان پئسا وٺڻ جي معاملي تي ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد انڪوائري رپورٽ جوڙي ورتي.ايس ايس پي حيدر رصا موجب رانديگرن صهيب مقصود کان مبينه طور تي پئسا وٺڻ جو واقعو نوابشاهه جي علائقي ڪيريا اسٽاپ تي پيش آيو. ڪيريا اسٽاپ تي 2 پوليس موبائلون بيٺل هيون. ڊيوٽي تي موجود اهلڪارن جون تصويرون رانديگر صهيب مقصود ڏانهن اماڻيون ويون آهن سنڌ پوليس جي ترجمان موجب سڪرنڊ پوليس اسٽيشن جي ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي کي به معطل ڪيو ويو آهي. ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد موجب گرفتار ڪيل چئني اهلڪارن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.قومي رانديگر صهيب مقصود سوشل ميڊيا تي پنهنجي پوسٽ ۾ سنڌ پوليس تي ڪرپشن جا الزام هڻندي چيو هو ته اسان خوشقسمت آهيون جو سنڌ ۾ نه پر پنجاب ۾ رهون ٿا. سنڌ پوليس ايڏي ڪرپٽ آهي جو هر 50 ڪلو ميٽرن کان پوءِ روڪي پئسا وٺي ٿي. هن چيو ته پئسا نه ڏيڻ جي صورت ۾ پوليس ٿاڻي تي وڃڻ جي ڌمڪي ڏئي ٿي سنڌ پوليس ۾ ڪرپشن چوٽ چڙهيل آهي.رانديگرن موجب اسان پوليس کي ٻڌايو ته اسان قومي ڪرڪيٽ ٽيم جا رانديگر آهيون. ڪراچي ۾ ميچ کيڏڻ بعد ملتان واپس پيا وڃون، ان جي باوجود پوليس اسان کان 8 هزار روپيه ورتا. ڪرڪيٽر عامر يامين به پوليس پاران رشوت وٺڻ جي تصديق ڪئي، آءِ جي سنڌ رفعت مختار معاملي جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد کي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو