قومي ايئر لائن جي فلائيٽ شيڊول ۾ بهتري اچي پئي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پي آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته قومي ايئر لائن جي فلائيٽ شيڊول ۾ بتدريج بهتري اچي رهي آهي.هڪ بيان ۾ پي آءِ اي جي ترجمان چيو ته قومي ايئر لائن پنهنجي وسيلن مان فنڊ فراهم ڪري رهي آهي.ترجمان چيو ته 19 آڪٽوبر کان پي آءِ اي جي فلائيٽ شيڊول ۾ وڌيڪ بهتري ڪئي ويندي. ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته پي آءِ اي حڪمت عملي تحت ملڪي ۽ بين الاقوامي پروازون ترجيحي بنيادن تي هلائي رهي آهي، پي ايس او ادائيگي کانپوءِ ترجيحي اڏامن لاءِ فيول فراهم ڪري رهي آهي.ايئر لائن ذريعن جو چوڻ آهي ته ترجيحي پرڏيهي اڏامن ۾ سعودي عرب، ڪينيڊا، ترڪي ۽ نار ملڪن جا رستا شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو