قومي اسيمبلي جي 1024 اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عام چونڊن 2024 جي لاءِ قومي اسيمبلي جي 1024 اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا آهن اليڪشن ڪميشن ايندڙ عام چونڊن جي لاءِ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي نامزد اميدوارن جو ڊيٽا جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب قومي اسيمبلي جي لاءِ ٽوٽل 7 هزار 473 نامزد اميدوار جن مان 7 هزار 28 مرد جڏهن ته 445 عورتون به شامل آهن.قومي اسيمبلي جي 1024 اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيا جن مان 934 مرد ۽ 90 عورتون شامل آهن. قومي اسيمبلي جي لاءِ نامزدگي ڪاغذن جي منظور ٿيندڙ اميدوارن جو انگ 6 هزار 449 آهي جن مان مردن جو انگ 6 هزار 94 جڏهن ته نامزدگي ڪاغذ منظور ٿيندڙ عورت اميدوارن جو انگ 355 آهي.قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي جنرل سيٽن تي ٽوٽل 22 هزار 711 اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ منظور ٿيا جڏهن ته 3240 اميدوارن جا ڪاغذ رد ڪيا ويا. قومي اسيمبلي جي لاءِ چئني صوبن ۽ وفاق مان نامزد اميدوارن جا تفصيل به جاري ڪيا ويا.اسلام آباد مان ٽوٽل 209 اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا جن مان 521 اميدوارن جا نامزگي ڪاغذ رد جڏهن ته 3 هزار 100 جا منظور ٿيا.سنڌ مان ٽوٽل 1 هزار 681 اميدوارن جمع ڪرايا جن مان 155 اميدوارن جا رد جڏهن ته 1 هزار 515 جا منظور ٿيا. بلوچستان مان ٽوٽل 631 اميدوارن نامزدگي جمع ڪرايا جن مان 92 اميدوارن جا رد جڌهن ته 539 جا منظور ٿيا.

پهنجو تبصرو موڪليو