اسلام آباد (بيورو رپورٽ)قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ صبح ساڍي 11 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو آهي.قومي اسيمبلي جو اجلاس ڪيترن ئي ڪلاڪن جي دير کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر غلام مصطفيٰ شاهه جي صدارت هيٺ شروع ٿيو.آئيني ترميم جي معاملي تي قومي اسيمبلي جو اجلاس ڪيترائي ڀيرا تبديل ڪيو ويو، شام 7 وڳي طلب ڪيل اجلاس رات 9 وڳي شروع ٿيو، جيڪو رات دير سان شروع ٿيو.










