اسلام آباد (بيورو رپورٽ)قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي اسپيڪر اياز صادق جي صدارت ۾ ٿيندو، جنهن جو 14 نڪاتي ايجنڊا جاري ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ سني اتحاد ڪائونسل 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ سزا خلاف احتجاج ڪندي، سني اتحاد ڪائونسل پاران اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن ميمبرن کي هدايت ڪئي وئي ته اهي ايوان ۾ پلي ڪارڊ ۽ پوسٽر کڻي اچن. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ٻه ڌيان ڇڪائيندڙ نوٽيس ۽ 2 سرڪاري قانون پارلياماني ڪارروائي جو حصو هوندا. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ جي روشني ۾ عالمي ڪنوينشنن مطابق قانونسازي ڪئي ويندي، جڏهن ته حياتياتي ۽ زهريلي هٿيارن جي پابندي بابت بين عالمي ڪنوينشن مطابق قومي اسيمبلي ۾ ڊپٽي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاران هڪ بل پيش ڪيو ويندو. قومي اسيمبلي حياتياتي ۽ زهريلي هٿيارن جي روڪٿام بابت عالمي ڪنوينشن موجب بل پيش ڪيو ويندو. اجلاس ۾ اسلام آباد جي اسپتالن، خاص طور پولي ڪلينڪ ۾ وينٽيليٽرن ۽ ٻئي سامان جي عدم دستيابي تي ڌيان ڇڪائڻ وارو نوٽيس پڻ ايجنڊا ۾ شامل آهي.










