قتل ٿيل ٽرڪ واري واقعي جو ڪيس داخل

نئون ديرو (ن س) نئون ديرو ۾ گذريل ڏينهن قتل ٿيل ٽرڪ ڊرائيور واري واقعي جو 3جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو،ڳوٺ دين محمد نائچ واسي محمد لقمان نائچ جو قتل ڪيس سندس ڀائٽي محمد جهانگير جي فرياد تي داخل ڪيو ويو ڪيس ۾ خيبر ايجنسي واسي ذاڪر الله پٽ سيد بادشاهه آفريدي، بنون واسي ظفر شاهه ۽ وزيرستان واسي محمد علي شاهه کي نامزد ڪيو ويو فريادي موجب شگر مل ڪمند کڻي ويا هئاسين جتي جوابدارن جهيڙو ڪيو، ٻه جوابدار چاچي کي پڪڙي بيٺا، ٽئين کيس مٿي ۾ پٿر هنيو ڪيس ۾ نامزد ٽئي جوابدار گرفتار ٿيل، مقتول محمد لقمان نائچ جو لاش اباڻي ڳوٺ نيو ويو، گذريل ڏينهن جهيڙي بعد نوجوان کي قتل ڪيو ويو هو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو