ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چوڪنڊي قبرستان ۾ آرڪيالاجيڪل پارڪ جي قيام لاءِ تجويزون گهري ورتيون آهن جڏهن ته ان پنهنجي دوري دوران هن قبرستان جي چوڌاري حددخليون ۽ هر قسم جي تنظيمن کي ختم ڪري ان جاءِ تي فنڊريزنگ ميوزيڪل ايونٽ ڪرائڻ لاءِ انتظام ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. هن اهڙا حڪم اڱاري ڏينهن چوڪنڊي قبرستان جي دوري دوران قبرستان جي زبون حالت جو جائزو وٺڻ ۽ پراڻن ماڳن جي بحاليءَ لاءِ منصوبو تيار ڪرڻ وقت ڏنا. دوري دوران سيڪريٽري بلديات منظور شيخ، سيڪريٽري ثقافت عليم لاشاري، سيڪريٽري ورڪس نواز سوهو، ڪمشنر ڪراچي سليم راجپوت، ڊي جي ڪي ڊي اي طاهر سانگي، نامور آرڪيالاجسٽ ڊاڪٽر ڪليم لاشاري، علي نقوي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا جن مان ڪن دوري دوران کين بريفنگ پڻ ڏني. وڏي وزير چيو ته هن پنهنجي دوري دوران پاڻ ڏٺو ته پٿرن جي ڪٽيل قبرون ۽ مقبرا زبون حال آهن جن کي جلد بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن قبرستان ڀرسان حددخلين ۽ غير قانوني اڏاوتن جو پڻ جائزو ورتو. سيڪريٽري ثقافت عليم لاشاري وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته آئين ۾ ارڙهين ترميم کانپوءِ اپريل 2013ع ۾ قبرستان جو انتظامي ڪنٽرول سنڌ حڪومت ڏانهن منتقل ڪيو ويو. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته چوڪنڊي قبرستان کي ”محفوظ“ علائقو قرار ڏيندي يونيسڪو ان کي 1993ع ۾ عارضي لسٽ ۾ شامل ڪيو هو. چوڪنڊي قبرستان 100 ايڪڙن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي ۽ ان ۾ سترهين ۽ ارڙهين صدي عيسويءَ دوران آباد ٿيندڙ بلوچ ۽ جوکيو خاندانن جي ويڙهاڪن جا مقبرا آهن. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته مقبرا اهرام جي شڪل ۾ بلند پليٽ فارمن تي ٺهيل آهن جن ۾ آرائشي پٿر جي سليبن تي انساني ۽ علامتي شڪليون ٺهيل آهن جن ۾ ڪيترائي مقبرا خانداني قبرستانن جي نمائندگي ڪن ٿا ۽ فقط ڪجهه قبرن جي بنياد کي هندوئن جي طرز مطابق ٿنڀن کان هيٺ رکيو ويو آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪجهه مردن جي قبرن تي گهوڙي سوار، ڍال، تلوار، ڪمان ۽ تير سان تراشيل آهن جڏهن ته عورتن جي قبرن تي زيورن جهڙوڪ ڪنگڻ، هار، مُنڊي، ٽِڪو وغيره ٺهيل آهن. ڊاڪٽر ڪليم لاشاري وڏي وزير کي ٻڌايو ته سيڪيورٽي خطرن ۾ قبرستان مان قديم اثاثن ۽ پٿرن جي چوري شامل آهي. هن وڌيڪ چيو ته غيرقانوني دفنائڻ هڪ خطرناڪ مسئلو آهي ڇاڪاڻ ته مقامي ماڻهو پنهنجن مڙهن کي هن قبرستان ۾ دفن ڪندا آهن ۽ اهوئي ڪارڻ آهي جو يونيسڪو قبرستان کي عالمي ثقافتي ورثو قرار نه ڏنو آهي. وڏي وزير ڪمشنر ڪراچي کي هدايت ڪئي ته قبرستان جي مکيه دروازي (بائونڊري وال) ڀرسان وڏين ٽرڪن جي غير قانوني پارڪنگ ختم ڪئي وڃي. هن ڊپٽي ڪمشنر ملير ۽ سولڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ کي به هدايت ڪئي ته قبرستان اندر ۽ چوڌاري ڪچرو نه وجهڻ ڏنو وڃي. وڏي وزير ڊاڪٽر ڪليم لاشاري جي درخواست تي ڪمشنر ڪراچي کي هدايت ڪئي ته هو چوڪنڊي قبرستان جي ڊيمارڪيشن ۽ ماپ جو ڪم شروع ڪري ته جيئن سڄي علائقي جي حفاظت لاءِ مکيه رستي جي ڀرسان هڪ ٻي داخلي ڀِت تعمير ڪئي وڃي. وڏي وزير ثقافت کاتي جي سيڪريٽري ڪليم لاشاري جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي جيڪا قبرستان جي ”فيس اپلفٽنگ“ شروع ڪرڻ ۽ تاريخي ماڳن جي اندرئين ۽ ٻاهرين آثار قديمه جي ڏيک کي تيار ڪرڻ جي طريقن کي تجويز ڪندي. هن چيو ته هو قبرستان کي آرڪيالاجيڪل پارڪ طور ترقي وٺرائڻ چاهيون ٿا، جتي مقامي ۽ بين الاقوامي دورن کي هٿي وٺرايو ويندو ان مقصد لاءِ ڪميٽي کي تجويز پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وڏي وزير ڪي ايم سي ۽ ڪي ڊي اي جي باغباني کاتي کي هدايت ڪئي ته هو ڊاڪٽر ڪليم لاشاري جي مشاورت سان قبرستان ۾ وڻ پوکڻ شروع ڪن ۽ ان کي سرسبز بڻايو وڃي ته جيئن قبرستان کي پارڪ بڻائي سگهجي جتي اسڪول جا ٻار ۽ ٻيا سياح ويھي آثار قديمه جي ماحول مان لطف اندوز ٿي سگھن.
