اسلام آباد (بيورو رپورٽر) اطلاعات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته قائداعظم جي تعليم تي عملدر آمد سان ئي ملڪ ترقي ڪري سگهي ٿو. 8 فيبروري 2024ع تي جڏهن عام چونڊون ٿينديون ته هي ملڪ پنهنجي منزل طرف هلندو. يوم قائد اعظم تي فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن جي احتمام هيٺ منعقد تقرير مقابلي جي تقريب کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته قائد اعظم محمد علي جناح جي حوالي سان ٻارڙن خوبصورت تقريررون ڪيون. مرتضيٰ سولنگي چيو ته قائد اعظم جي ڏنل بنيادي اصولن ۾ ئي ترقي جو راز لکيل آهي. هن چيو ته قائداعظم هميشه پر امن سياسي جدوجهد تي يقين رکندو. اسان جو آئين وفاقي جمهوريت تي ٻڌل آهي. نگران وزير جو چوڻ هو ته هي ملڪ هن جا چونڊيل نمائيندا ئي هلائيندا، موجود نگران حڪومت آئين آرٽيڪل 224 جي پيداوار آهن. 8 فيبروري تي جڏهن عام چونڊون ٿينديون ته هي ملڪ پنهنجي منزل طرف هلندو. هن چيو ته سمورن ٻارڙن ۽ ٻارڙين کي مبارڪون ڏيان ٿو ته اسان جي ڏکيائن جو حل جمهوريت، ڳالهيون ۽ قانون جي حڪمراني ۾ آهي.










