فيض گنج ۾ پوليس تي حملو، 2 اهلڪار زخمي

فيض گنج(ن س) فيض گنج ويجهو پوليس ڪارروائي دوران مبينا طور پوليس پارٽي تي حملو ڪيو ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن، پوليس موجب ڳوٺ زمان مان روپوش جوابدار محمد امين چانگ کي گرفتار ڪيو، ته ڏنڊا بردارن حملو ڪري کيس ڇڏائي ورتو،پوليس موجب ڏنڊا بردارن جي حملي ۾ ايس آءِ غلام رسول شر ۽ سپاهي ظهير شر زخمي ٿيا، کين اسپتال منتقل ڪيو ويو،پوليس موجب زخمي اهلڪارن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروايون شروع ڪيون ويون آهن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو