فيسٽيول اسان جي قوم جي پائيدار جذبي جو ثبوت آھي:باقر

سکر/ ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر آءِ بي اي يونيورسٽي سکر ۾ پاڪستان لٽريچر فيسٽيول جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ صوبائي وزير محمد عمر سومرو، ڪمشنر سکر ڊويزن سميع الدين صديقي، ڊي آءِ جي سکرعبدالحميد کوسو، ميئر سکر بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ، ڊپٽي ڪمشنرن، چيئرمين ضلعي ڪائونسل سکر ڪميل حيدر شاهه، تعليمي ماهرن، اديبن سميت نامور صحافين، فنڪارن، آفيسرن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر پاڪستان لٽريچر فيسٽيول جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان لٽريچر فيسٽيول سکر اسان جي قوم جي پائيدار جذبي جو ثبوت آھي، فن، ثقافت ۽ ادب قومي سڃاڻپ کي دنيا آڏو پيش ڪندا آهن، آرٽس ڪائونسل جھڙيون تنظيمون ڪيترن ئي ثقافتن کي ملائڻ ۾ بننادي ڪردار ادا ڪن ٿيون، ھن چيو ته آرٽس ڪائونسل ڪراچي ثقافت لاءِ ھڪ مينار طور تي بيٺل آھي، آرٽس ڪائونسل اسان جي ثقافتي ورثي کي پيش ڪرڻ ۽ تحفظ ڏيڻ لاءِ انتھڪ محنت ڪري رھيو آھي جتي ترقي پسند ۽ فڪري ڳالھ ٻولھ کي ھٿي ڏيڻ لاءِ سندس عزم بي مثال آھي، ھن چيو ته سموري ملڪ ۾ پاڪستان لٽريچر فيسٽيول جيان ميگا ایونٽس جي ميزباني ھن جو ثبوت آھي، آرٽس ڪائونسل جي ھن فيسٽيول قومي ٻولين جو هڪ خوبصورت گلدستہ ٺاهيو آهي. هن پنهنجي خطاب ۾ وڌيڪ چيو ته سکر ۾ ثقافتي ۽ ادبي روايتن کي هٿي وٺرائڻ سان عوام جي رابطي کي اهميت ڏني وئي آهي ۽ اهڙي ريت ثقافتي تقريبون ماضي کي حال سان ڳنڍڻ جو پل بڻجن ٿيون. هتي ادبي ميلي جو افتتاح علمي ۽ ثقافتي سرگرمين لاءِ ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته ثقافتي پروگرامن ۾ خيالن، تصورن ۽ مختلف آوازن کي همٿائيندا آهن. هن چيو ته هن وقت قوم اندروني ۽ بيروني چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي. وڏي وزير چيو ته تفريحي سرگرمين جو انعقاد بهتر سماج جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. ادبي ميلن ۾ معلوماتي سيشن ۽ تفريح سان گڏ سماجي هم آهنگي کي وڌائڻ لاء اهم آهن. هن وڌيڪ چيو ته اڄ اسان کي گڏيل ثقافتي سرگرمين ذريعي اتحاد کي ھٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي ۽ دعا آهي ته هي ادبي سفر سڀني لاءِ روشن ۽ تفريح وارو ثابت ٿئي. ان کان اڳ هن پاڪستان لٽريچر فيسٽيول سکر جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏيڻ تي صدر آرٽس ڪائونسل ڪراچي جا ٿورا مڃيا. ٻئي پاسي سنڌ نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر خيرپور اڪنامڪ زون ٿاڻي جي حد ۾ فائرنگ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي پوليس کان واقعي جا تفصيل طلب ڪندي جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا.

پهنجو تبصرو موڪليو