فيسبڪ ۽ انسٽاگرام جو اهم فيچر ختم ڪرڻ جو اعلان

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)ميٽا فيسبڪ ۽ انسٽاگرام وچ ۾ ميسيجنگ فيچر کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. 2020ع ۾ ميٽا پاران ڪراس ايپ ميسيجنگ فيچر کي متعارف ڪرايو ويو هو، پر ان منصوبي جو اعلان 2019ع ۾ ڪيو ويو هو. ان وقت ميٽا چيو هو ته انسٽاگرام،واٽس ايپ ۽ فيسبڪ ميسينجر کي گڏ ڪيو ويندو، ته جيئن واهپيدار ڪنهن هڪ پليٽ فارم سان ٻين ايپس جي واهپيدارن سان ڳالهائي سگھن.ان سلسلي جي شروعات انسٽاگرام ۽ ميسينجر ۾ ڪراس ميسيجنگ فيچر ذريعي ڪئي وئي هئي پر هاڻي ان کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. انسٽاگرام هيلپ سينٽر پيج ۾ ٻڌايو ويو ته ڪراس ميسيجنگ کي ڊسمبر 2023ع جي وچ ۾ ختم ڪيو ويندو. ڪمپني پاران اهو ناهي ٻڌايو ويو هو ته اهو فيصلو ڇو ڪيو ويو آهي. پر هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويوآهي ته ائين امڪاني طور تي يورپي يونين جي ڊجيٽل مارڪيٽ ايڪٽ (ڊي ايم اي) جي ڪري ڪيو ويو. واضح رهي ته ڊي ايم اي تحت ٽيڪنالوجي ڪمپنين کي چيٽ انٽرپورٽ ايبلٽي کي ممڪن بڻائڻو پوندو. ان تبديلي کان پوءِ ڪنهن به ميسيجنگ ايپ جهڙوڪ واٽس ايپ جا واهيپدار ٻين ايپس جهڙو ٽيليگرام ۽ سگنل وغيرا تي به دوستن سان چيٽ ڪري سگھندا. ميٽا پاران ڊي ايم اي قانون تحت واٽس ايپ ۾ چيٽ انٽرپورٽ ايبلٽي جو فيچر متعار ڪرائڻ جو امڪان آهي. سيپٽمبر ۾ ان حوالي سان رپورٽ به سامهون آئي هئي ته واٽس ايپ ۾ ٿرڊ پارٽي چيٽ جي فيچر جي آزمائش ڪئي پئي وڃي. ڊي ايم اي قانون 6 مارچ 2024ع ۾ لاڳو ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو