راڻي پور (ن س ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊويزنل بينچ حيدرآباد راڻيپور ۾ ڪٺ دوران ڌمڪين واري ڪيس ۾ گرفتار فياض شاهه جي ضمانت واري شوئرٽي رد ڪندي فياض شاهه کي ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي عدالت ٻارڙي فاطمه جي قتل ڪيس ۾ حنا شاهه جي ضمانت لاءِ ڏنل درخواست به سندس غير حاضري سبب خارج ڪري ڇڏي فياض شاهه جي وڪيل عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته راڻيپور پوليس فياض شاهه کي ٻارڙي فاطمه جي قتل ڪيس ۾ نه پر ڌمڪين واري ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي، ڌمڪين واري ڪيس ۾ به فياض شاهه جو نالو شامل نه آهي، فياض شاهه کي ايف آءِ آر ۾ نامزد اڻڄاتل جوابدارن جي بنياد تي گرفتار ڪيو ويو آهي عدالت سوال ڪيو ته ضمانت جي درخواست ڏيندڙ حنا شاهه ڇو پيش نه ٿي آهي؟ وڪيل چيو ته حنا شاهه ميڊيا ٽرائل جي خدشي سبب پيش نه ٿي آهي،فاطمه قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار فياض شاهه کي پروٽوڪول ڏيندڙ ايس ايڇ او راڻيپور معطل ٿي ويو آهي، ايس ايڇ او بچل قاضي جوابدار فياض شاهه کي پوليس وين جي فرنٽ سيٽ تي ويهاري ۽ موبائيل فون هٿ ۾ ڏئي حيدرآباد جي عدالت آڏو پيش ڪيو،ايس ايس پي خيرپور سميع الله سومرو ايس ايڇ او راڻيپور کي معطل ڪري ڇڏيو راڻيپور جي حويلي ۾ ماريل ٻارڙي فاطمه جو ڪيس وڙهندڙ وڪيل صفدر ڪناسرو جو چوڻ آهي ته اسان دانهون ڪندا رهيا آهيون ته پوليس جوابدارن کي غير قانوني رعايتون ڏئي رهي آهي،حيدرآباد جي عدالت مان ضمانت جي شوئرٽي رد ٿيڻ بعد راڻيپور پوليس کي فاطمه جي قتل ڪيس ۾ به فياض شاهه کي گرفتار ڪرڻ گهرجي
