اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد ۾ پوليس ڪارروائي دوران خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور ۽ بشرا بي بي ڪارڪنن سميت گاڏي ۾ ويهي فرار ٿي ويا،بليو ايريا ۾ ڪلثوم پلازه جي ويجهو علي امين گنڊاپور، بشرا بي بي گاڏين ۾ ويٺا آهن ۽ پي ٽي آءِ جا ٿورا احتجاج ڪندڙ گاڏين جي ويجهو هئا،ذريعن موجب بشرا بي بي ۽ علي امين گنڊا پور ڊي چوڪ واري علائقي مان فرار ٿي ويا ۽ اطلاعن موجب ٻئي هڪ ئي گاڏي ۾ ڊي چوڪ واري علائقي مان فرار ٿيا،ذريعن جو چوڻ آهي ته بشرا بي بي ۽ علي امين ڪهڙي طرف ويا، ان بابت حتمي طور ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي، پر رپورٽن موجب ٻئي هڪ ئي گاڏي ۾ جناح ايونيو کان فرار ٿيا،بشرا بي بي جي گاڏي کي ڪي پي هائوس ڏانهن موڙيو ويو آهي، اسلام آباد پوليس جو اسڪواڊ بشرا بي بي جي ڪار جي تعاقب ۾ آهي، قيادت جي فرار ٿيڻ تي ڪارڪنن جناح ايونيو ۽ سيونٿ ايونيو تي به پنهنجون گاڏيون بيهاري ڇڏيون، مظاهرين رهائشي علائقن ڏانهن رخ ڪري رهيا آهن،هوڏانهن خيبر چوڪ ويجهو بليو ايريا ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي مظاهرين خلاف آپريشن ڪري ڪيترن ئي مظاهرين کي گرفتار ڪري ورتو ۽ ڪجهه فرار ٿي ويا،رينجرز پهچي ڊي چوڪ کي ڪليئر ڪرايو ۽ ڪارڪنن کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو. هاڻي پوليس ۽ رينجرز پي ٽي آءِ جي مظاهرين جي جناح ايونيو کي ڪليئر ڪرايو ۽ مظاهرين کي خيبر پلازه کان اڳتي ڌڪي ڇڏيو،هوڏانهن پي ٽي آءِ جي مرڪزي ڪنٽينر کي باهه ڏئي ساڙيو ويو….خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي آمد جون خبرون ملڻ لڳيون،ذريعن موجب علي امين گنڊاپور سان گڏ بشرا بي بي به موجود آهي، ٻئي محفوظ آهن،ان کان اڳ بشرا بي بي جي ڀيڻ مريم رياض وٽو هڪ وڊيو بيان ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته سندس ڀيڻ بشرا بي بي اڃا اسلام آباد ۾ آهي.ڏکاري آواز ۾ مريم رياض وٽو چيو ته بشرا بي بي پنهنجي مڙس جي آزادي لاءِ جدوجهد جاري رکندي، هوءَ ان ڳالهه تي قائم آهي.










