راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه ۾ سيڪيورٽي فورسز جي 2 مختلف ڪارروائين ۾ 8 خارجي مارجي ويا،خارجين خلاف آپريشن ۾ پاڪ فوج جا 2 جوان به شهيد ٿي ويا،آءِ ايس پي آر موجب خارجين خلاف آپريشن 29 نومبر کان پهرين ڊسمبر تائين ڪيو ويو.آءِ ايس پي آر موجب بنون جي علائقي بڪا خيل ۾ خوارج جي موجودگي جي اطلاع تي ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو.آءِ ايس پي آر پاران ٻڌايو ويو ته آپريشن دوران سڪيورٽي فورسز خوارج جي مقام تي ڀرپور ڪارروائي ڪئي، آپريشن ۾ 5 خارجي مارجي ويا ۽ 9 زخمي ٿي پيا،سپاهي افتخار حسين خوارج خلاف آپريشن ۾ بهادري سان وڙهندي شهيد ٿي ويو،آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز هڪ ٻيو آپريشن خيبر جي علائقي شگئي ۾ ڪيو جنهن ۾ 3 خوارج خارجي ويا جڏهن ته 2 کي گرفتار ڪيو ويو،آءِ ايس پي آر موجب آپريشن جي اڳواڻي ڪندڙ ڪيپٽن محمد زوهيب الدين شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ شهيد ٿي ويو،لاهور سان تعلق رکندڙ 26 سالن جي ڪيپٽن محمد زوهيب شهيد 3 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين پاڪ فوج ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ پنهنجي پويان والدين ڇڏي ويو آهي،جھنگ ضلعي سان تعلق رکندڙ 29 ورهين جو سپاهي افتخار حسين شهيد 8 سال پاڪ فوج ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون، هو پنهنجي پويان زال، هڪ پٽ ۽ هڪ ڌيءُ ڇڏي ويو آهي.










