فوج خلاف منفي پروپئگنڊا ڪندڙن کي سخت سزا ڏيڻ جو ٺهراءُ منظور

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) سينيٽ پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز خلاف ناڪاري ۽ بدنيتي تي ٻڌل پروپئگنڊا ڪرڻ وارن کي سخت سزا ڏيڻ جو ٺهراءُ متفته طور منظور ڪري ورتو. سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيئي ٺهراءَ پيش ڪيا ويا، پ پ جي سينيٽر بهرا مند تنگي پاڪ فوج جي حق ۾ هڪ ٺهراءُ پيش ڪيو جيڪو اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو. ٺهراءِ ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگردي خلاف ويڙهه ۽ ملڪي سرحدن جي تحفظ ۽ بچاءِ ۾ هٿياربند فوج ۽ دفاعي ايجنسين لازوال قربانيون ڏنيون، فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز خلاف ناڪاري ۽ بدنيتي تي ٻڌل پروپئگنڊا ڪرڻ وارن کي سخت سزا ڏني وڃي.ٺهراءَ موجب، دشمن پاڙيسرين جي هوندي مضبوط فوج ۽ سيڪيورٽي ايجنسي اڻٽر آهي، سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي پاڪ فوج خلاف بدنيتي تي ٻڌل پروپئگنڊا ڪئي پئي وڃي، سينيٽ جو ايوان حڪومت کان مطالبو ڪري ٿو ته فوج خلاف منفي پروپئگنڊا ڪندڙن کي سخت سزا ڏني وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو