راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير نشان امتياز (ملٽري) جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ فورم ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته پاڪ فوج ۾ ڪنهن به فرد کي احتسابي نظام کان مٿانهون نه آهي. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي. ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن شهيدن لاءِ فاتحه خواني ڪئي.ڪور ڪمانڊرز پاڪستان جي امن ۽ استحڪام لاءِ لازوال قربانين تي پاڪ فوج، ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ پاڪستاني شهرين جي شهيدن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب اجلاس ۾ خطي جي صورتحال، قومي سلامتي کي درپيش چيلنجز ۽ وڌندڙ خطرن جي جواب ۾ آپريشنل حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني وئي.فورم بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه سرگرم ملڪ دشمن قوتن، ناڪاري ۽ تخريبي عنصرن ۽ انهن جي پاڪستان مخالف اندروني ۽ بيروني سهولتڪارن کي منهن ڏيڻ لاءِ مختلف قدمن تي پڻ غور ويچار ڪيو ويو پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي موجب فورم ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪ فوج عوام جي غير متزلزل حمايت سان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڏنل قربانين کي ضايع ٿيڻ نه ڏيندي. فورم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته فوج هڪ منظم ادارو آهي جنهن جي هر فرد جي پروفيشنلزم ۽ وفاداري صرف رياست ۽ پاڪستان جي هٿياربند فوجن سان آهي.ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن جو چوڻ هو ته پاڪ فوج مضبوط ۽ احتساب ذريعي پنهنجي قدرن جي پاسداري کي مضبوط ۽ غير متزلزل عزم سان برقرار رکي ٿي. جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي جانبداري ۽ تعصب ڪا به گنجائش نه آهي.ڪور ڪمانڊرز چيو ته اداري جي استحڪام لاءِ فوج ۾ سخت احتسابي نظام جو نفاذ ضروري آهي ۽ ڪو به فرد ان عمل کان بالاتر ۽ مٿانهون نٿو رکي سگهي.هڪ مضبوط ۽ موثر قانوني نظام جي اهميت تي زور ڏيندي آرمي چيف چيو ته پاڪ فوج دهشتگردن، انتشار پسندن ۽ ڏوهاري مافيا خلاف ضروري ۽ قانوني ڪارروائي ڪرڻ ۾ حڪومت، انتظاميه ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان سهڪار جاري رکندي.فورم دهشتگردن جي نيٽ ورڪن جي سهڪار سان غير قانوني سرگرمين جي خلاف جاري ڪوششن تي پڻ اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ سخت سائبر سيڪيورٽي قدمن ذريعي قومي سائبر اسپيس جي تحفظ تي زور ڏنو.ڪور ڪمانڊرن ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي آزادي جي تحريڪ جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو، جيڪي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جو شڪار آهن. فورم پاران معصوم فلسطينين خلاف اسرائيل جي جاري بربريت ۽ نسل ڪشي جي پڻ سخت مذمت ڪئي وئي، فورم پاڪ فوج جي آپريشنل تيارين ۽ پيشه ورانه مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ اعليٰ معيار برقرار رکڻ تي اعتماد جو اظهار ڪيو.










