اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي اطلاعات واري وزير عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته فوجي ٺڪاڻن تي حملو ٿيندو ته ٽرائل به فوجي عدالتون ئي ڪنديون. تحريڪ انصاف سياست کي تڪراري نه بنائي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته تحريڪ انتشار ملٽري ڪورٽس تي سياست ڪري رهي آهي ۽ انهي معاملي کي تڪراري بنائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. اها ڳالهه چٽي آهي ته فوجي عدالت ٽرائل صرف انهي وقت ڪندي آهي جڏهن دفاع واري اداري تي حملو ٿئي جيئن ڪور ڪمانڊر هائوس، مردان ۾ بالاحصار ۾ ٿيو. جڏهن اوهان دفاعي ادارن جي ڪنهن عمارت تي حملو ڪندو، ڀڃ ڊاهه، باهيون ڏيندو ته انهي اداري جي ذميواري هوندي آهي جوابدارن کي پڪڙڻ جهڙي طرح اوهان ريلوي ۾ ڪو ڏوهه ڪندو ته ريلوي پوليس ايف آءِ آر داخل ڪندي آهي. اطلاعات واري وزير چيو ته جڏهن اوهان فوجي اثاثن تي حملو ڪندو ته ملٽري ايڪٽ لاڳو ٿيندو آهي، جڏهن عمران خان جي دور ۾ فوجي عدالتن ٽرائل ڪيا ته عمران خان انهن عدالتن جا فضائل بيان ڪيا اهي سمورا بيان سوشل ميڊيا تي موجود آهن ۽ هاڻ فوجي عدالتن جي خلاف ملڪ کان ٻاهر لابنگ ڪئي پئي وڃي.عطاءُالله تارڙ چيو ته انهي ٽرائل ۾ ڏوهارين کي فيئر ٽرائل، وڪيل ڪرڻ ۽ گهر ڀاتين سان ملڻ سميت سمورا حق حاصل آهن. رائٽ آف اپيل به موجود آهي، فزيڪل موجودگي کان سواءِ ٽرائل نٿو ٿي سگهي انهي کان وڌيڪ فيئر ٽرائل ٻيو ڪهڙو هوندو؟ هڪ رائٽ آف اپيل اها آهي جنهن ۾ اوهان ملٽري جج جي خلاف ٻئي ملٽري جج کان ئي اپيل ڪريو ٿا. ٻئي حق ۾ اوهان فيصلي جي خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل ڪري سگهو ٿا ته پوءِ اها واويلا ڇو پئي ڪئي وڃي ته جوابدارن سان زيادتي ٿي رهي آهي.اطلاعات واري وزير چيو ته اهڙي ٽرائل جي ذريعي پاڪستان ۾ ڪنهن به قانون جي ڀڃڪڙي ناهي ٿي انهي سان گڏ ئي سموري عالمي قانون جي به پاسداري ڪئي وئي. تحريڪ انصاف انهي معاملي تي سياست کان پاسو ڪري. رائٽ آف اپيل کي اختيار ڪريون، تسليم ڪريو ته 9 مئي تي غلط ٿيو پر اوهان جا ماڻهو اڄ به انهي کي صحيح چوندي نظر اچي رهيا آهن.










