فوجي عدالتن ۾ سويلين جا ڪيس نٿا هلائي سگهجن

فوجي عدالتن ۾ سويلين جا ڪيس نٿا هلائي سگهجن

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر جو چوڻ آهي ته ڪنهن به صورت ۾ فوجي عدالتن ۾ سولين جو ٽرائل نٿو هلي سگهي.اسلام آباد ۾ علامه ناصر عباس سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد قيصر چيو ته کيس فوجي عدالتن مان ڪارڪنن کي ڏنل سزان تي افسوس آهي.هن چيو ته هو عوام جو آواز سپريم ڪورٽ تائين پهچائڻ چاهين ٿا، پاڪستان ۾ شهرين جا حق برابر آهن.اسد قيصر جو چوڻ آهي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت سميت ٻين هنڌن تي الزام آهن، اڄ هو پنهنجو نقطو سپريم ڪورٽ آڏو رکڻ چاهي ٿو.ان موقعي تي خطاب ڪندي علامه ناصر عباس چيو ته عدليه جا فيصلا غلط يا صحيح ٿي سگهن ٿا، ڪي فيصلا اهڙا به هوندا آهن جن سان قومن کي نقصان پهچندو آهي.هن چيو ته ماضي ۾ عدليه مارشل لا کي تسليم ڪيو جنهن سان ملڪ جو نقصان ٿيو، پي ٽي آءِ جي باني پاران قائم ڪيل ڳالهين واري ڪميٽي پاڪستان لاءِ آهي.علامه ناصر عباس جو اهو به چوڻ آهي ته مان انهن ڳالهين کي شملا معاهدي کان وڌيڪ اهم سمجهان ٿو، هي عوام جو معاملو آهي، اهي ڳالهيون پاڪستان جي سالميت ۽ بقا لاءِ ضروري آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو