فوجي عدالتن ۾ سولين جو ٽرائل آئين جي ڀڃڪڙي آهي:سنڌ بار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جو چوڻ آهي ته فوجي عدالتن ۾ شهرين جو ٽرائل آئين جي آرٽيڪل 10 اي جي ڀڃڪڙي آهي.سنڌ بار ايسوسيئيشن جو هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن جو پڌرنامو پڻ جاري ڪيو ويو.پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته فوجي عدالتن ۾ سولين جا ٽرائل هڪ متوازي عدالتي نظام کي هلائڻو آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسي ايشن چيو آهي ته فوجي عدالتن ۾ عام ماڻهن جا ڪيس هلڻ سان عوام جو عدليه تي اعتماد گهٽجي ويندو.پڌرائي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ اپيل تي جلد کان جلد آئين ۽ قانون موجب فيصلو ڏئي.

پهنجو تبصرو موڪليو