فواد حسن فواد کي عهدي تان هٽائڻ جي درخواست رد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن نجڪاري واري وزير فواد حسن فواد خلاف ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.اليڪشن ڪميشن نگران ڪابينا مان وزيرن کي هٽائڻ جي صورت ۾ فواد حسن فواد کي عهدي تان هٽائڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته فواد حسن فواد نجڪاري وارو وزير آهي، هو چونڊ عمل متاثر نه ٿو ڪري سگهي.اليڪشن ڪميشن فيصلو ٻڌائيندي چيو ته فواد حسن فواد ماضي ۾ اهم عهدي تي ڪم ڪندو رهيو آهي، درخواست ذاتي رنجش لڳي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو