خيرپور (ن س )خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت معصوم فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ۾ مک جوابدار پير اسد شاهه ۽ سهولتڪار جي رمانڊ ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي جوابدار اسد شاهه ۽ سندس سھولتڪار امتياز ميراثي جو رمانڊ پورو ٿيڻ بعد کين دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو،عدالت پوليس جي استدعا تي جوابدار اسد شاهه ۽ سهولتڪاري جي الزام ۾ گرفتار امتياز ميراثي جي جسماني رمانڊ ۾ وڌيڪ 7 ڏينهن واڌ ڪري ڇڏي،جوابدار اسد شاهه جي عدالت ۾ پيشي دوران عدالت اندر سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا
