فاطمه ڦرڙو جي گهر تي هٿياربندن جو حملو،سوديبازي نه ڪندس:والد

خانواهڻ (ن س (خانواهڻ پيراڻي حويلي ۾ بيدرديءَ سان قتل ڪيل فاطمه ڦرڙو جي ڳوٺ تي مبينه طور حملو فائرنگ ڪئي وئي جنھن ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي فاطمه ڦرڙو جي پيء نديم ڦرڙو ٻڌايو تہ کيس ڪيس تان ھٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏنيون وينديون هيون اڄ نامعلوم هٿياربندن ڳوٺ جي ٻن طرفن کان ڳوٺ تي حملو ڪيو ۽ فائرنگ ڪئي پر ڳوٺاڻن ھمٿ ڪري فائرنگ ڪندڙن کي ڀڄائي ڇڏيو ھن وڌيڪ چيو تہ اسان ڊڄڻ وارا نه آھيون فاطمه جي قاتلن سان ڪا سوديبازي نه ڪنداسين ھن گھر ڪئي ته پوليس جو پھرو لڳائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او خانواهڻ ٻڌايو تہ ڳوٺ تي فائرنگ ٿيڻ جي اطلاع تي اتي پھتاسين ته فائرنگ جو سلسلو بند ٿي ويو ھيو ھن وڌيڪ چيو تہ جاچ ڪئي پئي وڃي فائرنگ ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو ٻئي پاسي ڳوٺ علي محمد ڦرڙو ۾ فائرنگ واري واقعي کانپوءِ سخت خوف ۽ حراس ڇانئجي ويو آهي آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو ھيو نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگھي ھئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو