فاروق ستار جي مفتاح کي ايم ڪيو ايم ۾ شموليت جي دعوت

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينئر اڳواڻ فاروق ستار اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل کي پارٽي ۾ شموليت جي دعوت ڏئي ڇڏي.نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار چيو ته پاڪستان جهڙين حالتن مان گذري رهيو آهي ان ۾ سٺن ماڻهن جي ٽيم ٺاهڻ ضروري آهي. ملڪ ۾ گڏيل قومي ايجنڊا جي ضرورت آهي ۽ مفتاح اسماعيل سان ملاقات ۾ به ساڳئي قومي ايجنڊا تي ڳالهيون ٿيون.فاروق ستار چيو ته ڪراچي کي امن جو شهر بنائينداسين ان حوالي سان مفتاح اسماعيل جو معاشي وزن وڌيڪ آهي. ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته مفتاح اسماعيل کي ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ شموليت جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي جنهن جي جواب ۾ مفتاح سوچي سمجهي جواب ڏيڻ جو چيو آهي. ذريعن موجب فاروق ستار ۽ مفتاح اسماعيل جي ملاقات 2 ڏينهن اڳ مفتاح اسماعيل جي رهائشگاهه تي ٿي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو