غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪاروايون،51 افغاني گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ افغانين سميت غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي ڪراچي جي علائقي سهراب ڳوٺ جي گنا منڊي ۾ پوليس جو سرچ آپريشن ڪيوي ويو، گهر گهر جهڙتي دوران 51 افغاني شهرين کي گرفتار ڪيو ويو آپريشن دوران 10 موٽرسائيڪلز به تحويل ۾ ورتيون ويون آهن دادو جي مختلف علائقن مان به پوليس غير قانوني طور ترسيل هئڻ جي الزام هيٺ 20 افغانين کي گرفتار ڪري ورتو، 15 ڄڻن کي بعد ۾ دستاويز ۽ ڪارڊ هئڻ جي بنياد تي ڇڏيو ويو

پهنجو تبصرو موڪليو