غير قانوني تعميرات خلاف ڪاراوئي جو فيصلو

غير قانوني تعميرات خلاف ڪاراوئي جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي راڄڌاني ۾ غير قانوني تعميرات ۽ هائوسنگ سوسائٽين خلاف فوري ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويو آهي.گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ هڪ اجلاس ۾ غير قانوني تعميرات خلاف فوري آپريشن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.غير منظور ٿيل گهرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ کان علاوه، اجلاس ۾ غير منظور ٿيل هائوسنگ سوسائٽين خلاف به ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.ان موقعي تي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته لاڳاپيل آفيسرن کي ان حوالي سان زيرو ٽالرنس پاليسي تي عمل درآمد کي يقيني بڻائڻ گهرجي ۽ سيٽلائيٽ ميپنگ ڪري هر قسم جي غير قانوني تعميرات کي روڪيو وڃي. اسلام آباد ۾ شهرين کي عالمي معيار جون سهولتون فراهم ڪرڻ ترجيح هجڻ گهرجي.گهرو وزير محسن نقوي لاڳاپيل ايس پيز ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرز کي هدايت ڪئي ته اهي پنهنجا فرض فعال انداز ۾ ادا ڪن ۽ چيو ته پوليس ۽ انتظاميه جي تصوير کي بهتر بڻائڻو آهي، جيڪو تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن شهري انهن تي اعتماد ڪن.محسن نقوي چيو ته لاڳاپيل آفيسرن کي شهرين جي سهولت لاءِ نوان قدم کڻڻ گهرجن ۽ گهربل نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ هن عمل کي قومي جذبي سان پوري عزم سان اڳتي وڌائڻ گهرجي.گهرو وزير اسلام آباد ۾ ضروري شين جي قيمتن تي اثرائتي ڪنٽرول کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته عيدالاضحيٰ جي ڏينهن ۾ شهر کي صاف سٿرو رکڻ جو خاص خيال رکيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو